يوڪرين پنھنجي فوجي ماھرن جا ٽي گروپ، ڊرون روڪڻ جي مھارت شيئر ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر موڪلي ڇڏيا

ڪيف - 11 مارچ (اي پي پي) يوڪرين ڊرون روڪڻ جي مھارت شيئر ڪرڻ لاءِ پنھنجي فوجي ماھرن جا ٽي گروپ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب موڪلي ڇڏيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي گذريل ڏينھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته يوڪرين ھلندڙ ھفتي مڪمل طور تيار پروفيشنل ٽيمون مقرر ڪيون آھن، جنھن مان ھر ٽيم ھڪ مختلف ملڪ ۾ مقرر آھي. ھن اميد ظاھر …

ڪيف – 11 مارچ (اي پي پي) يوڪرين ڊرون روڪڻ جي مھارت شيئر ڪرڻ لاءِ پنھنجي فوجي ماھرن جا ٽي گروپ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب موڪلي ڇڏيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي گذريل ڏينھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته يوڪرين ھلندڙ ھفتي مڪمل طور تيار پروفيشنل ٽيمون مقرر ڪيون آھن، جنھن مان ھر ٽيم ھڪ مختلف ملڪ ۾ مقرر آھي. ھن اميد ظاھر ڪئي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا اتحادي ان بدران يوڪرين کي پيٽيرياٽ فضائي دفاعي نظام فراھم ڪندا.