واشنگٽن -11 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ جوشوا رڊ کي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي ( اين ايس اي ) ۽ آمريڪي ڪمانڊ جي سائبر ڪمانڊ جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو عهدو گذريل سال اپريل کان خالي پيل هيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا مٿين ايوان ۾ جوشوارڊ جي مقرري جي حمايت ۾ 71 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا جيڪا ٻنهي پارٽين جي حمايت جي نشاندهي …
آمريڪي سينيٽ پاران جوشوارڊ کي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي ۽ سائبر ڪمانڊ جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري
واشنگٽن -11 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ جوشوا رڊ کي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي ( اين ايس اي ) ۽ آمريڪي ڪمانڊ جي سائبر ڪمانڊ جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو عهدو گذريل سال اپريل کان خالي پيل هيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا مٿين ايوان ۾ جوشوارڊ جي مقرري جي حمايت ۾ 71 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا جيڪا ٻنهي پارٽين جي حمايت جي نشاندهي آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ ميمبرن مخالفت ڪندي چيو ته جوشوارڊ کي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ سٺو تجربو حاصل ناهي، جوشوارڊ ان کان اڳ آمريڪي انڊو – پيسيفڪ ڪمانڊ جي نائب ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي چڪو هيو ۽ فوجي معاملن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جو تجربو حاصل آهي. اپريل 2025ع ۾ ٽموٿي هاگ کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ وليم هارٽيمن وقتي سربراهه طور تي فرض سر انجام ڏئي رهيا هو.











