اسلام آباد- 11 مارچ(اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ايران جي هم منصب مسعود پيزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اپيل ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي صدارتي آفيس ( ڪريملن ) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن تڪرار کي تيزي سان روڪڻ ۽ سياسي ذريعن سان ان جي حل بابت پنهنجي موقف جو ورجاءُ …
روس جي صدر پاران ايران جي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اپيل
اسلام آباد- 11 مارچ(اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ايران جي هم منصب مسعود پيزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اپيل ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي صدارتي آفيس ( ڪريملن ) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن تڪرار کي تيزي سان روڪڻ ۽ سياسي ذريعن سان ان جي حل بابت پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران جي صدر روس طرفان ملندڙ حمايت خاص ڪري انساني بنيادن تي فراهم ڪيل امداد تي روس جي هم منصب جو شڪريه ادا ڪيو.











