ابوظهبي-11 مارچ (اي پي پي) چين نار فارس جي پوري خطي ۾ جنگ پکڙجڻ جي خدشي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي وچ اوڀر لاءِ خصوصي صلاحڪار زائي جون ابوظهبي جي دوري دوران گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عبدالله بن زايدالهنيان سان ملاقات ۾ چيو ته چين کي خدشو آهي …
چين پاران نار فارس ۾ جنگ جي پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار، ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي اپيل
ابوظهبي-11 مارچ (اي پي پي) چين نار فارس جي پوري خطي ۾ جنگ پکڙجڻ جي خدشي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي وچ اوڀر لاءِ خصوصي صلاحڪار زائي جون ابوظهبي جي دوري دوران گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عبدالله بن زايدالهنيان سان ملاقات ۾ چيو ته چين کي خدشو آهي ته جنگ جا شعلا سڄي نار فارس جي خطي تائين پکڙجي سگهن ٿا. هن چيو ته چين جو موقف آهي ته نار فارس جي سمورن ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ شهرين يا غير فوجي هدفن تي ڪنهن به حملي جي سخت مذمت ڪرڻ گهرجي. ملاقات دوران اماراتي پرڏيهي وزير عبدالله بن زايد النهيان چيو ته گڏيل عرب امارتن ان تڪرار جي ڌر ناهي ۽ ان خطي ۾ امن جو حامي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امارات کي ان تڪرارن ۾ نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيني وفد کي خاطري ڪرائي ته امارات پنهنجي سرزمين تي موجود چيني شهرين ۽ ادارن جي سلامتي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. دوري دوران چين جي خصوصي صلاحڪار زائي جون گڏيل عرب امارتن جي صدر جي چين لاءِ خصوصي صلاحڪار خلدون المبارڪ سان به ملاقات ڪئي جنهن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











