تهران - 11 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته نظام جي تبديلي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن جيسيتائين ضروري ٿيو ميزائل حملا جاري رکنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي ٽي وي تي ڳالهين دوران چئي. عباس عراقچي چيو ته سندس ملڪ جيستائين ضروري هوندو ميزائل حملا جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. هن آمريڪي صدر جي ان …
ملڪ ۾ نظام جي تبديلي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، جيستائين ضروري ٿيو ميزائل حملا جاري رکنداسين: ايران
تهران – 11 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته نظام جي تبديلي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جا منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن جيسيتائين ضروري ٿيو ميزائل حملا جاري رکنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي ٽي وي تي ڳالهين دوران چئي. عباس عراقچي چيو ته سندس ملڪ جيستائين ضروري هوندو ميزائل حملا جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. هن آمريڪي صدر جي ان بيان تي ايران سان جنگ جلد ختم ٿيڻ بعد به ڪنهن قسم جي ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو . هن چيو ته اسان آمريڪا خلاف ميزائل حملا جاري رکڻ لاءِ تيار آهيون، ان سان گڏ ڳالهيون هاڻي اسان جي ايجنڊا ۾ شامل ناهن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا سان معاملن ۾ ايران جو تجربو انتهائي سخت رهيو آهي.











