تهران- 11 مارچ (اي پي پي) ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان گڏيل طورتي شروع ڪيل جنگ روڪڻ لاءِ اسلامي جهموريه ايران ان جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي جنگ بندي جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو ، پرڏيهي ميڊيا مطابق محمد باقر قاليباف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ايڪس “ تي جاري بيان …
جنگبندي جي ڪوشش نه پيا ڪيون، پنهنجي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جو جواب ڏينداسين: ايران جو اسپيڪر
تهران- 11 مارچ (اي پي پي) ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان گڏيل طورتي شروع ڪيل جنگ روڪڻ لاءِ اسلامي جهموريه ايران ان جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي جنگ بندي جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو ، پرڏيهي ميڊيا مطابق محمد باقر قاليباف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ايڪس “ تي جاري بيان ۾ چيو ته اسان يقيني طورتي جنگ بندي جا خواهشمند ناهيون. جارح کي سزا ملڻ گهرجي ۽ کيس اهڙو سبق ملڻ گهرجي جيئن هو ٻيهر ايران تي حملو ڪرڻ کان پاسو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل هڪ شيطاني ۽ تڪرار تي ٻڌل چڪر هلائي رهيو آهي جنهن ۾ پهريان جنگ ، پوءِ ڳالهيون ، پوءِ جنگ بندي ۽ پوءِ ٻيهر جنگ ڪئي ويندي آهي، اسان ان چڪر کي ٽوڙي ڇڏينداسين، ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي يارهين ڏينهن اسپيڪر قاليباف خبردار ڪيو ته ايران جي بنيادي ڍانچي تي ڪنهن به حملي جو اهڙو ئي جواب ڏنو ويندو. هن ” ايڪس “ تي لکيو ته دشمن ڄاڻي وٺي ته هو جيڪو ڪجهه به ڪندو، ان جو يقيني طورتي فوري ۽ برابر جواب ڏنو ويندو.











