جڪارته - 11 مارچ (اي پي پي ) انڊونيشيا جي سمبا ريجن ۾ 5.1 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو . پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز ( جي ايف زيڊ ) ٻڌايو آهي ته اهو زلزلو عالمي وقت مطابق رات جو 9 لڳي 45 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان اٽڪل 10 ڪلو ميٽرن جي اونهائي ۾ هو. اڃان تائين زلزلي …
انڊونيشيا ۾ 5.1 جي شدت جو زلزلو، ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو
جڪارته – 11 مارچ (اي پي پي ) انڊونيشيا جي سمبا ريجن ۾ 5.1 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو . پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز ( جي ايف زيڊ ) ٻڌايو آهي ته اهو زلزلو عالمي وقت مطابق رات جو 9 لڳي 45 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان اٽڪل 10 ڪلو ميٽرن جي اونهائي ۾ هو. اڃان تائين زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته اختياريون صورتحال جي نگراني ڪري رهيون آهن.











