عالمي توانائي بحران، آمريڪا پاران ڪجهه ملڪن تي لاڳو تيل جون پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ جو اعلان

 واشنگٽن-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ايران جنگ سبب عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ پيدا ٿيل دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ملڪن تي لاڳو تيل جون پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا ۾ واقع پنهنجي ريزورٽ ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان ڪجهه ملڪن تي لاڳو تيل جون پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ممڪن …

 واشنگٽن-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ايران جنگ سبب عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ پيدا ٿيل دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ملڪن تي لاڳو تيل جون پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا ۾ واقع پنهنجي ريزورٽ ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان ڪجهه ملڪن تي لاڳو تيل جون پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ممڪن آهي ته بعد ۾ انهن کي ٻيهر لاڳو نه ڪيو وڃي. صدر ٽرمپ چيو ته کيس اندازو هو ته ايران خلاف آمريڪي ڪارروائي بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌي وينديون، پر سندس موجب قيمتن ۾ اضافو توقع کان گهٽ ٿيو آهي.