آمريڪا جي ڇهه ڊيموڪريٽڪ سينيٽرز پاران ايران سان جنگ بابت ڪانگريس ڪميٽين جي عوامي ٻڌڻي لاءِ مهم جو اعلان

واشنگٽن-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي ڇهه ڪريٽ سينٽرز ايران سان جنگ جي حوالي سان ڪانگريس ڪميٽين جي عوامي ٻڌڻي لاءِ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه جون اختياريون جنگي صورتحال جي حوالي سان حلفي گواهي ڏينديون. آمريڪي اپوزيشن پارٽي ڊيموڪريٽڪس جي انهن سينٽرز وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريپبلڪنز ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ته اسان سينيٽ ۾ انهن جي ڪارروائي ۾ …

واشنگٽن-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي ڇهه ڪريٽ سينٽرز ايران سان جنگ جي حوالي سان ڪانگريس ڪميٽين جي عوامي ٻڌڻي لاءِ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه جون اختياريون جنگي صورتحال جي حوالي سان حلفي گواهي ڏينديون. آمريڪي اپوزيشن پارٽي ڊيموڪريٽڪس جي انهن سينٽرز وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريپبلڪنز ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ته اسان سينيٽ ۾ انهن جي ڪارروائي ۾ مزاحمت ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيو جرسي سان تعلق رکندڙ سينٽر ڪوري بڪر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فارن ريليشنز ۽ آرمڊ سروسز ڪميٽين جي سينيئر ڊيموڪريٽس اهي درخواستون ترتيبوار ڪميٽين جي ريپبلڪن چيئرمين جيمز رش ۽ راجر وڪر سان ڪيون آهن. سينيٽرز چيو ته ان جو مقصد ايران جي جنگ جو جلد خاتمو ۽ آمريڪي فوجين جي حفاظت ڪرڻ آهي جيڪي اڳ ۾ ئي ڪجهه جاني نقصان کڻي چڪا آهن.