انقره-10 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان کي چيو آهي ته ترڪيه جي فضائي حدن جي ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي کي معاف نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ايراني هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران چيو ته ترڪيه اهڙن تڪرارن سبب متاثر ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو سڌي ريت ڌر ناهي، پر اسان پنهنجي سلامتي جي تحفظ …
ترڪيه جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي قبولڻ جوڳي ناهي: رجب طيب اردوان
انقره-10 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان کي چيو آهي ته ترڪيه جي فضائي حدن جي ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي کي معاف نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ايراني هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران چيو ته ترڪيه اهڙن تڪرارن سبب متاثر ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو سڌي ريت ڌر ناهي، پر اسان پنهنجي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکنداسين. ٻئي پاسي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته جيڪو ميزائل ترڪ فضائي حدن ۾ داخل ٿيو اهو ايراني نه هو ۽ ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. ڳالهين دوران صدر اردگان ڏکڻ ايران ۾ نينگرين جي هڪ اسڪول تي بمباري جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٻارڙين جي موت تي ڏک جو اظهار به ڪيو. هن ايران جي مرحوم سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت تي تعزيت به ڪئي.











