لنڊن- 09 مارچ (اي پي پي)برطانوي رسالي ” دي مڊل ايسٽ يهودي هندو ڳٺ جوڙ ۽ ڀارت جي منافقاڻي پرڏيهي پاليسي کي بي نقاب ڪندي لکيو آهي ته ايران سان دوستي جي دعويٰ باوجود ڀارت اسرائيلي اتحاد جو حصو بڻجي چڪو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برطانوي رسالي ڀارت جي ٻٽو معيار رکندڙ وزيراعظم مودي کان ايران بدران اسرائيل سان گڏ بيهڻ تي سخت سوال ڪيا. سوال اٿاريو ته مودي …
برطانوي رسالي ڀارت جي منافقاڻي پرڏيهي پاليسي بي نقاب ڪري ڇڏي
لنڊن- 09 مارچ (اي پي پي)برطانوي رسالي ” دي مڊل ايسٽ يهودي هندو ڳٺ جوڙ ۽ ڀارت جي منافقاڻي پرڏيهي پاليسي کي بي نقاب ڪندي لکيو آهي ته ايران سان دوستي جي دعويٰ باوجود ڀارت اسرائيلي اتحاد جو حصو بڻجي چڪو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برطانوي رسالي ڀارت جي ٻٽو معيار رکندڙ وزيراعظم مودي کان ايران بدران اسرائيل سان گڏ بيهڻ تي سخت سوال ڪيا. سوال اٿاريو ته مودي ايران خلاف جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ اسرائيل جو دورو ڇو ڪيو.؟ ڀارت ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت تي مذمت ڪرڻ کان به پري رهيو. ڀارتي وزيراعظم هيستائين ايراني عوام لاءِ مختصر ترين تعزيتي پيغام به جاري ناهي ڪيو. ڀارت جي مهمان ايراني سامونڊي جهاز کي به نشانو بڻايو. ان قدم کي ڀارتي دفاعي سفارتڪارن به اسٽريٽجڪ شرمندگي قرار ڏنو. ماهرن موجب اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڀارت ايران جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو هجي، چاهه بهار بندرگاهه تان هٿ کڻڻ به ان جو واضح مثال آهي.











