ايران جي مجلس خبرگان رهبري سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي کي نئون سپريم ليڊر چونڊي ورتو

تهران-09 مارچ (اي پي پي) ايران جي مجلس خبرگان رهبري 28 فيبروري 2026ع تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي پٽ سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي کي ملڪ جو نئون سپريم ليڊر چونڊي ورتو، 1979ع جي ايران جي انقلاب کانپوءِ هو ملڪ جي ٽيون چونڊيل سپريم ليڊر آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران 88 ميمبرن تي ٻڌل مجلس …

تهران-09 مارچ (اي پي پي) ايران جي مجلس خبرگان رهبري 28 فيبروري 2026ع تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي پٽ سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي کي ملڪ جو نئون سپريم ليڊر چونڊي ورتو، 1979ع جي ايران جي انقلاب کانپوءِ هو ملڪ جي ٽيون چونڊيل سپريم ليڊر آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران 88 ميمبرن تي ٻڌل مجلس خبرگان رهبري هڪ بيان ۾ اعلان ڪيو ته غير معمولي اجلاس ۾ مجلس جي نمائندن جي فيصلائتي ووٽنگ جي بنياد تي مجتبيٰ حسيني خامنه اي کي اسلامي جهموريه جو ٽيون سپريم ليڊر مقرر ڪيو آهي.مجلس خبرگان رهبري ايراني عوام سان اتحاد برقرار رکڻ ۽ نئين سپريم ليڊر جي حمايت ڪرڻ جي اپيل به ڪئي. ايران  جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني جو چوڻ هو ته مجتبيٰ خامنه اي انهن حساس حالتن ۾ ايران جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسان نئين سپريم ليدر جي پٺيان متحد ٿي بيهڻ جي اپيل ڪريون ٿا. هن اهو به چيو ته ماهرن جي مجلس حملن جي خطرن باوجود مجتبيٰ خامنه اي کي نئون سپريم ليڊر چونڊيو آهي. شهيد سيد علي خامنه اي جو ٻيو پٽ مجتبيٰ حسيني خامنه اي 8 سيٽمبر 1969ع تي اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ پيدا ٿيو، سندس پرورس 1979ع ۾ ايران ۾ شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ جوڙيل مذهبي ۽ سياسي ماحول ۾ ٿي. سندس تعلق ايران جي هڪ مشهور مذهبي خاندان سان آهي. هن پنهنجي ثانوي تعليم تهران جي علوي مذهبي اسڪول مان حاصل ڪئي بعد ۾ 1999ع ۾ هو مذهبي تعليم جاري رکڻ لاءِ حوزه عليمه قم منتقل ٿي ويو.