تهران-09 مارچ (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو ايران ۾ موجود پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سفارتخاني ۾ فوري طور پنهنجي داخلا ڪرائي وٺن. گذريل ڏينهن سفارتخاني مان جاري بيان مطابق هن چيو ته هتي جاري مسئلن سبب بسون ڳولڻ تمام ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، ان کان علاوه به ٻيا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ان ڪري اسان جا اهي شهري جيڪي پاڪستان واپس وڃڻ چاهين …
ايران ۾ موجود پاڪستاني شهري اتي موجود سفارتخاني ۾ فوري طور پنهنجي داخلا ڪرائي وٺن: سفير مدثر ٽيپو
تهران-09 مارچ (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو ايران ۾ موجود پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سفارتخاني ۾ فوري طور پنهنجي داخلا ڪرائي وٺن. گذريل ڏينهن سفارتخاني مان جاري بيان مطابق هن چيو ته هتي جاري مسئلن سبب بسون ڳولڻ تمام ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، ان کان علاوه به ٻيا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ان ڪري اسان جا اهي شهري جيڪي پاڪستان واپس وڃڻ چاهين ٿا، کين درخواست آهي ته اهي اسان جي سهڪار سان فوري طور سفارتخاني ۾ پنهنجي داخلا ڪرائي وٺن ته جيئن اسان کين روانگي جو انتظام ڪنهن به دير کانسواءِ ڪري سگهون. هن خاص طور تي قم شهر ۾ موجود پنهنجن هم وطنن کي اپيل ڪئي ته اهي فوري وطن واپسي لاءِ اسان سان مڪمل سهڪار ڪن.











