تهران -09 مارچ (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي خاتمي تي ڳالهين لاءِ تيار ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جانشين جي چونڊ جي حوالي سان پنهنجي داخلي معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت …
آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي خاتمي تي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون: ايران
تهران -09 مارچ (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي خاتمي تي ڳالهين لاءِ تيار ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جانشين جي چونڊ جي حوالي سان پنهنجي داخلي معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا اڳ ۾ ئي ان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جيڪا گذريل سال 12 ڏينهن جي جنگ جي خاتمي لاءِ ٿي هئي هن چيو ته ڇا توهان ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ شيون اهڙي طرح ناهن هلنديون. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ جو مستقل خاتمو ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسان ان مرحلي تائين نٿا پهچون، منهنجو خيال آهي ته اسان کي پنهنجي عوام ۽ پنهنجي سلامتي لاءِ ويڙهه جاري رکڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه کي رد ڪيو ته ايران ڄاڻي واڻي پنهنجي پاڙيسرين تي حملا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪي اڏن، ٺڪاڻن ۽ مفادن تي حملا ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان جي پاڙيسرين جي ڌرتي تي آهن. ايران جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران ۾ زميني فوج مقرر ڪئي ته اسان وٽ سخت جان سپاهي موجود آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن به دشمن جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جئين هو انهن سان وڙهن ۽ انهن کي ختم ڪري ڇڏين. ايران جي پرڏيهي وزير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران گذريل هفتي ڏنل بيانن کي رد ڪيو جنهن ۾ آمريڪي صدر چيو هو ته جنگ شروع ڪرڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته ايران جلد ئي اهڙا ميزائل حاصل ڪري وٺندو جيڪي آمريڪا تائين پهچڻ جي صلاحيت رکندا. پرڏيهي وزير چيو ته اهو سچ ناهي. اها اصل ۾ گمراهه ڪندڙ معلومات آهي، جئين ته توهان ڄاڻون ٿا، اسان وٽ ميزائل ٺاهڻ جي صلاحيت آهي پر اسان ڄاڻي واڻي پاڻ کي 2000 ڪلوميٽر کان گهٽ رينج تائين محدود رکيو آهي ڇو ته اسان نٿا چاهيون ته دنيا جي ڪنهن به ٻي قوت طرفان اسان کي خطري طور ڏٺو وڃي.











