چين ۽ روس پرڏيهي دٻاءَ کان خوفزده ناهن:چين جو پرڏيهي وزير

بيجنگ-09 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ سياسي اعتماد جي سطح تمام بلند آهي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط اسٽريٽجڪ بنيادن تي قائم آهن.پرڏيهي  ميڊيا موجب گذريل ڏينهن بيجنگ ۾  هن چيو ته چين ۽ روس جا لاڳاپا خصوصي طور گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته چين ۽ روس وچ ۾ سياسي اعتماد …

بيجنگ-09 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ سياسي اعتماد جي سطح تمام بلند آهي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط اسٽريٽجڪ بنيادن تي قائم آهن.پرڏيهي  ميڊيا موجب گذريل ڏينهن بيجنگ ۾  هن چيو ته چين ۽ روس جا لاڳاپا خصوصي طور گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته چين ۽ روس وچ ۾ سياسي اعتماد تمام مضبوط آهي ۽  ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ ٻئي سان گڏجي بيهڻ جي نوعيت رکن ٿا اسان ڪنهن به پرڏيهي اشتعال انگيزي يا دٻاءَ سبب خوفزده ناهيون  . هن ڇيو ته اسان وٽ مضبوط اسٽريٽجڪ استقامت موجود آهي. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته چين عالمي اقتصادي نظام ۾ انصاف برقرار رکڻ لاءِ ڪم جاري رکندو ۽ عالمي واپاري تنظيم ( ڊبليو ٽي او ) جي اصولن تي ٻڌل گهڻ رخي نظام جي حمايت ڪندو رهندو.