اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ گڏيل پُرامن بقا جي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته رت جو حساب ورتو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ذاتي وضاحت جي نُڪتي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته شهيدن جي معاملي تي اسان کي متفق ٿيڻو پوندو، پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، …
پاڪستان امن ۽ گڏيل پُرامن بقا جي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪنهن قومي اداري کي نشانو بنائڻ نامناسب آهي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ گڏيل پُرامن بقا جي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته رت جو حساب ورتو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ذاتي وضاحت جي نُڪتي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته شهيدن جي معاملي تي اسان کي متفق ٿيڻو پوندو، پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هجرت جو ڪارڻ هاڻ موجود ناهي ۽ اُتي امن قائم ٿي چڪو آهي ۽ انهن جي حڪومت به بڻجي وئي آهي، ان لاءِ افغان پناهگيرن کي واپس وڃڻ گهرجي. هن چيو ته افغان ٽريڊ به جاري آهي ۽ اتان لاءِ ويندڙ شيون پاڪستان سمگل ٿينديون رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان مهذب پاڙيسرين وانگر رهي سگهون ٿا، اسان گڏيل بقا جي امن لاءِ ڳالهيون به ڪيون پر ان باوجود افغانستان جي ڌرتي تان پاڪستان تي حملا ٿيندا رهيا. گهٽ ۾ گهٽ هڪ نُڪتي تي پوري قوم کي متفق ٿيڻو پوندو ته شهيدن جو رت رائيگان نه وڃڻ گهرجي، اسان ان رت جي هڪ هڪ ڦُڙي جو حساب وٺنداسين، جڏهن اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿي رهيا هئا، ان وقت به اسان دوحه ۽ استنبول ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. جڏهن ته ذاتي وضاحت تي هن چيو ته جمهوريت ۾ سياسي اختلاف فطري آهن، اسان پاليسين ۽ نظرين تي اختلاف ڪري سگهون ٿا پر ڪنهن قومي اداري کي نشانو بنائڻ نامناسب آهي. هن چيو ته پاڪستان فوج سڄي وفاق ۽ سمورن صوبن جي آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين آفيسر ۽ جوان فرض نڀائيندي شهيد ٿيا. هن ٻُڌايو ته 2021ع کان فيبروري 2026ع تائين دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ پاڪستان آرمي جا 3141 آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. بچاءُ واري وزير ان دعويٰ کي سختيءَ سان رد ڪيو ته آرمي ڪنهن هڪ صوبي يا علائقي جي نمائندگي ڪري ٿي. ان کي ”وفاقي فورس“ قرار ڏيندي چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو تعلق پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اقليتي برادري سڄي ملڪ مان آهن. هن چيو ته پاڪستان آرمي جي بناوت سڄي وفاق جي عڪاسي ڪري ٿي، اهو هڪ حقيقي قومي ادارو آهي. خواجه آصف چيو ته رڪارڊ ۾ واضح طور تي اهو درج هئڻ گهرجي ته پاڪستان آرمي هڪ قومي ادارو آهي جنهن ۾ وفاقي وحدتن ۽ مذهبي اقليتن جي موجودگي آهي. هن سياسي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو خاص طور تي موجوده سيڪيورٽي چئلينجز دوران اهڙن بيانن کان پاسو ڪن جيڪي قومي جذبن کي مجروح ڪري سگهن ٿا. اختلاف راءِ هر هڪ جو حق آهي پر قومي جذبن ۽ ادارن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. خواجه آصف چيو ته پارليامينٽ جي ميمبرن پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جو حلف کنيو آهي. انهيءَ طرح فوج ۾ ڀرتي ٿيل جوان به حلف کڻن ٿا. تمام گهڻا سياستدان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڀيرا پارٽيون بدلائين ٿا پر جن شهادت ماڻي انهن ڪڏهن به پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، پر ان جي تعظيم لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته پاڪستان آرمي هڪ وفاقي فورس آهي جيڪا سموري وفاقي وحدتن جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ سڄي ملڪ جا شهري وطن جي دفاع لاءِ قربانيون ڏين ٿا. هن چيو ته چئني صوبن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ شهيد فوجي جوان ۽ آفيسر قوم جا شهيد آهن، انهن جا درجا بلند آهن، هو اول ۽ آخر پاڪستاني آهن ۽ انهن جو سائي جهنڊي سان لازوال رشتو آهي.











