پشاور-11 جنوري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته دنيا مڃي ورتو ته پاڪستان آسمانن تي راڄ ڪندڙ چيمپئن آهي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اسان کي ميرٽ کي اختيار ڪرڻو پوندو، ليپ ٽاپ خاص ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، نوجوان پاڪستان جو روشن مستقبل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ …
دنيا مڃي ورتو آهي ته پاڪستان آسمانن تي راڄ ڪندڙ چيمپئن آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
پشاور-11 جنوري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته دنيا مڃي ورتو ته پاڪستان آسمانن تي راڄ ڪندڙ چيمپئن آهي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اسان کي ميرٽ کي اختيار ڪرڻو پوندو، ليپ ٽاپ خاص ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، نوجوان پاڪستان جو روشن مستقبل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ موجود خيبر ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر امتياز ضياءُ الحق اسان جو فخر آهي، مون کي خوشي آهي ته اڄ مان اوهان جي وچ ۾ آهيان. هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي شروعات ان وقت جي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف 2011ع ۾ ڪئي، جڏهن وفاق ۾ وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت آئي ته هن 2013ع ۾ سڄي پاڪستان لاءِ ان اسڪيم جي شروعات ڪئي ۽ انتهائي ڪاميابيءَ سان جاري رهي پر بدقسمتيءَ سان 2018ع ۾ ان کي بند ڪيو ويو ۽ چئن سال کانپوءِ 2022ع ۾ وزيراعظم شهباز شريف ان پروگرام کي ٻيهر بحال ڪيو. مان ان موقعي تي ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙن ۽ سندن والدين کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو ته اوهان جا ٻار ميرٽ تي ليپ ٽاپ حاصل ڪيا، اها اسڪيم 100 سيڪڙو ميرٽ تي ٻَڌل آهي. ان موقعي تي هن چيو ته اسان ڪي پي ڪي جي عوام، اسلام آباد ۾ دهشتگردي ۽ ان کان اڳ بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان جو صوبو دهشتگرديءَ جو شڪار رهيو آهي. ڪي پي ڪي جي عوام کي امن جي اهميت جو اندازو آهي، هتي اي پي ايس واقعي جون يادون اڃا به تازيون آهن، ان لاءِ اسان سڀني کي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن امن هوندو ته تعليم حاصل ڪري سگهبي، روزگار به هوندو، ان لاءِ امن تي ڪو سمجهوتو نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، پاڪستاني فوج فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ کان 10 ڀيرا وڌيڪ دشمن کي شڪست ڏني، ان وقت ماڻهن ۾ هڪ جذبو ڏٺو ويو، جيڪو تعريف جوڳو آهي، جيڪڏهن اهو جذبي ايماني آهي ته پاڪستان جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وفاقي وزير جو خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي وائيس چانسلر، فيڪلٽي ميمبرن ۽ انتظامي آفيسرن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر، وفاقي وزير کي تعليمي، تحقيقي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير يونيورسٽيءَ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته معياري طبي تعليم ۽ تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ حڪومت ان شعبي جي بهتريءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. ان موقعي تي وفاقي وزير يونيورسٽي لان ۾ يادگار ٻوٽو به لڳايو.











