”اي پي پي“ ۾ ڪابه مستقل ڀرتي ناهي ٿي، پيشيوراڻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مليل اختيارن تحت عارضي ملازم رکيا: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ”اي پي پي“ ۾ ڪابه مستقل ڀرتي ناهي ٿي، پيشيوراڻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بورڊ آف ڊائريڪٽرز طرفان مليل اختيارن تحت عارضي ڀرتيون ٿيون، اهي ڀرتيون منظور ٿيل آسامين اندر رهندي ڪيون ويون. هو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران محمد رياض خان جي سوال تي ڳالهائي رهيو هو. …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ”اي پي پي“ ۾ ڪابه مستقل ڀرتي ناهي ٿي، پيشيوراڻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بورڊ آف ڊائريڪٽرز طرفان مليل اختيارن تحت عارضي ڀرتيون ٿيون، اهي ڀرتيون منظور ٿيل آسامين اندر رهندي ڪيون ويون. هو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران محمد رياض خان جي سوال تي ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سڌ سماءَ واري وزارت طرفان معزز ميمبر جي سوال تي لکت ۾ جواب ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اي پي پي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي پنجين اجلاس ۾ مليل اختيارن جي عين مطابق عارضي طور تي ڀرتيون ٿيون جيڪي پيشيوراڻا معاملا هلائڻ لاءِ هيون. سڌ سماءَ واري وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌايو ويو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ مالي بي ضابطگيون، فنڊن جي غير قانوني منتقلي ۽ 20 جعلي ڀرتين جي نشاندهيءَ تي اي پي پي انتظاميه فوري ۽ شفاف ڪارروائي کي يقيني بنايو آهي. حقيقتون معلوم ڪندڙ ڪميٽيءَ جي سفارشن تي انهن سمورن معاملن کي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ ملوث ماڻهن خلاف جاچ ۽ ريڪوريءَ جو عمل جاري آهي. اهي قدم اداري ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي بحالي ۽ احتساب جي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيا ويا آهن. وزارت جي لکت واري جواب ۾ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته مقرريون مڪمل طور تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مليل اختيارن ۽ لاڳو ضابطن مطابق ڪيون ويون آهن. اداري مالي ڪفايت شعاري کي برقرار رکندي قيمتي فني اوزارن جي تحفظ لاءِ اڳوڻي پراجيڪٽ جي تربيت يافته عملي کي شفاف امتحان ۽ انٽرويو ذريعي گهٽ پگهار ۽ اسڪيل تي ٻيهر مقرر ڪيو آهي. اهي سموريون ڀرتيون منظور ٿيل بجيٽ ۽ افرادي سگهه جي حدن اندر رهندي ڪيون ويون آهن ته جيئن قومي خزاني تي ڪو اضافي بار وجهڻ کانسواءِ اداري جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي ۽ مالي تسلسل کي برقرار رکي سگهجي. آغا رفيع الله ضمني سوال ۾ چيو ته هڪٻئي تي الزام لڳائڻ سان عام ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيندا، اسان کي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. معزز ميمبرن جا سوال پاڪستان جي عوام جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڀلائيءَ بابت هوندا ته سڌيءَ ريت فائدا عوام کي ملندا. عاليه ڪامران به ضمني سوال ڪيو جنهن تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري سڌ سماءَ واري وزارت طرفان ڏنل جواب کي ورجايو.