سکيا ڪورسز پي ٽي وي ڊراما ۽ فلم اڪيڊمي جي پيشيوراڻي ترقي جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا: عون محمد بخاري

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن جي ٽريننگ اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر عون محمد بخاري چيو ته سکيا ڪورسز پي ٽي وي ڊراما ۽ فلم اڪيڊمي جي پيشيوراڻي ترقي ۽ پاڪستان جي قومي نشرياتي اداري جي جدت طرف جاري عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڪئميرا آپريشنز ۽ وڊيوڪمپوزيشن واري ٽن مهينن جي جامع ڪورس جي پُڄاڻي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي اعزازي …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن جي ٽريننگ اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر عون محمد بخاري چيو ته سکيا ڪورسز پي ٽي وي ڊراما ۽ فلم اڪيڊمي جي پيشيوراڻي ترقي ۽ پاڪستان جي قومي نشرياتي اداري جي جدت طرف جاري عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڪئميرا آپريشنز ۽ وڊيوڪمپوزيشن واري ٽن مهينن جي جامع ڪورس جي پُڄاڻي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ڊراما اينڊ فلم اڪيڊمي، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جو هڪ اعليٰ تربيتي ادارو آهي تنهن گذريل هڪ سال ۾ 15 کان وڌيڪ خصُوصي تربيتي ڪورس منعقد ڪيا آهن، جن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ملازمن شرڪت ڪئي. انهن ڪورسن پي ٽي وي جي سڀني وڏن شعبن ۾ پيشه وراڻين صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ڪورسز کي جديد ميڊيا جي رجحانن ۽ ٽيڪنالوجي مُوجب ترتيب ڏنو ويو هو. اهي پروگرام انفارميشن ۽ ڊجيٽل لٽريسي، مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، سائبر سيڪيورٽي، پارلياماني ۽ وار رپورٽنگ، ڊراما ۽ فلم پروڊڪشن، سوشل ميڊيا آگاهي، پي رول مئنيجمينٽ، اي-آفيس سسٽم وغيره شامل هئا. ڪئميره آپريشنز اينڊ ويزول ڪمپوزيشن بابت ٽن مهينن جو جامع ڪورس پڻ ڪرايو ويو. هن ڪورس ۾ 80 کان وڌيڪ ڪئميرا پروفيشنلز کي هائبرڊ فارميٽ ذريعي تربيت ڏني وئي، جنهن ۾ پي ٽي وي جي سڀني مرڪزن جي ملازمن حصو ورتو. تربيتي ڪورس جي پُڄاڻي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ٽريننگ اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر عون محمد بخاري چيو ته سکيا ڪورسز پي ٽي وي ڊراما ۽ فلم اڪيڊمي جي پيشيوراڻي ترقي ۽ پاڪستان جي قومي نشرياتي اداري جي جدت طرف جاري عزم جي عڪاسي ڪن ٿا، هِن چيو ته اهي پي ٽي وي ۾ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهن.