اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين هتي ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران سفير جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف ۽ سندس وفد جي تازي پاڪستان جي دؤري تي مليل مهمان نوازيءَ تي پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان قازقستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين هتي ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران سفير جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف ۽ سندس وفد جي تازي پاڪستان جي دؤري تي مليل مهمان نوازيءَ تي پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ڀائراڻن ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سفير وفاقي وزير کي ايندڙ مهيني اپريل ۾ آستانه، قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ علائقائي ماحولياتي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير دعوت جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي رابطا موجود آهن جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ترجبن مان تمام گهڻو سکي سگهن ٿا ۽ گڏيل سهڪار ۽ واپار نه صرف ٻه طرفي سطح تي پر وسيع تر وچ ايشيائي خطي تائين هٿي ڏيڻ جي ڀرپور گنجائش موجود آهي. ملاقات ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دؤري دوران صحيح ٿيل مفاهمتي يادداشت تي عملي اڳڀرائيءَ جي معاملن به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين مصنوعي ذهانت، مالياتي ٽيڪنالاجي (فن ٽيڪ) ۽ اليڪٽرانڪ گورننس جي شعبن ۾ امڪاني گڏيل منصوبن ۽ رٿائن جي امڪانن جو جائزو ورتو. پاڻي جي کوٽ، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين ماحولياتي چئلينجز جهڙن اهم معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ ماحولياتي تحفظ ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو.











