اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025ع سميت ڪيترن ئي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ طرفان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجلازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان شق وار …
قومي اسيمبلي پاران پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025ع سميت ڪيترن ئي بلن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025ع سميت ڪيترن ئي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ طرفان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجلازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر طارق فضل ڀنگ جي ڪنٽرول ۽ ڪنٽرول اٿارٽي ترميمي بل 2026ع قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي وزير نالو ۽ نشان پاڪستان (غير مجاز استعمال جي منع ٿيل) ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر طارق فضل نيا پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ طرفان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل اسلام آباد جي بزرگ شهري ترميمي بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.











