وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير جي ملاقات

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چم نيمول ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ صنعتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران ٻه طرفي اقتصادي ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي مضبوط بنائڻ، مستقبل جي …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چم نيمول ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ صنعتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران ٻه طرفي اقتصادي ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي مضبوط بنائڻ، مستقبل جي سهڪار کي وسعت ڏيڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. هارون اختر تازن سالن ۾ ڪمبوڊيا جي نمايان اقتصادي ترقيءَ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڪمبوڊيا جي ترقياتي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بنائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ قومي صنعتي پاليسي ۽ قومي ٽيرف پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن اقتصادي ترقيءَ کي تيز ۽ صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڪمبوڊيا جي سفير پاڪستان جي قدرتي خوبصورتي، گهڻن وسيلن ۽ مضبوط دفاعي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن صنعتي شعبي خاص ڪري ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جتي ويليو ايڊيشن ذريعي ٻئي ملڪ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪمبوڊين وزير ٻُڌايو ته هن وقت 166 پاڪستاني ڄاون جون ڪمپنيون ڪمبوڊيا ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن جي سهولت لاءِ هتي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي قيام ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس جي مٽاسٽا جي تجويز پڻ پيش ڪئي ته جيئن واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هارون اختر مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز جي شعبي ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) ذريعي سهڪار جي وسيع امڪانن تي روشني وڌي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت سميڊا نمايان ڪارڪرگي ڏيکاري ۽ هي ادارو ڪمبوڊيا سان سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستاني ايس ايم ايز جي بي پناهه صلاحيتن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ميڊ اِن پاڪستان شين جهڙوڪ زيتون جو تيل، ماکي ۽ ليدر مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ آهن ۽ ان کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچ جي ضرورت آهي. هن گهرن کان ڪم ڪندڙ پاڪستاني عورت ڪاروباري شخصيتن جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ انهن لاءِ آمدني واپار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هارون اختر ڪمبوڊيا جي وزير کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي جي اظهار جي طور تي يادگاري تحفا پيش ڪيا.