اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو 13 فيبروري تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ خبرون ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ جي سمورن ريڊيو اسٽيشنن تان مختلف پروگرام نشر ڪيا ويندا. سڄي پاڪستان ۾ هن وقت ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو 13 فيبروري تي ملهايو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو 13 فيبروري تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ خبرون ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ جي سمورن ريڊيو اسٽيشنن تان مختلف پروگرام نشر ڪيا ويندا. سڄي پاڪستان ۾ هن وقت ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، حيدرآباد، پشاور، راولپنڊي، گوجرانوالا، ڪوئيٽا، سرگوڌا، بهاولپور، فيصل آباد ۽ ملتان سميت ٻين شهرن ۾ پاڪستان ريڊيو ۽ ايف ايم جون علائقائي اسٽيشنون قائم آهن، جتان مختلف علائقائي، معلوماتي، ڪرنٽ افيئرز ۽ ٻيا پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن.











