لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي باوقار روزگار فراهم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلشنِ راوي ۾ گڏيل عرب امارتن جي سهڪار سان مستحق ماڻهن ۾ امدادي سامان جي ورهاست واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئرمين چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف …
حڪومت نوجوانن جي ترقي ۽ روزگار لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي باوقار روزگار فراهم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلشنِ راوي ۾ گڏيل عرب امارتن جي سهڪار سان مستحق ماڻهن ۾ امدادي سامان جي ورهاست واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئرمين چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ يوٿ پروگرام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ مهارتون مهيا ڪري سگهجن. هن چيو ته تڪ جي عوام جي خدمت منهنجي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ پهريون آءِ ويڪ ملهايو پيو وڃي، جيڪو نوجوانن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نوان موقعا پيدا ڪندو. هن چيو ته معاشي چئلينجز باوجود ملڪي صورتحال ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي ۽ حڪومت دوست ملڪن سان ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائي نوجوانن لاءِ تعليم، تربيت ۽ روزگار جا موقعا وڌائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڌُرين ڪارڪردگيءَ جي مقابلي ۾ ڏڦيڙ جي سياست کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جڏهن ته قوم اهڙن روين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم امن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي هاڪاري عالمي ڪردار جي عڪاسي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه معاملا عدالتن ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ انهن جو فيصلو عدالتن کي ئي ڪرڻو آهي. رانا مشهود احمد خان چيو ته بهتر حڪمت عملي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان پاڪستان ڀارت جا جنگي جهاز ڪِيريا. جڏهن ته آءِ سي سي جي بنگلاديش تي پابندين جي معاملي ۾ پاڪستان بهترين سفارتي حڪمت عملي سان بنگلاديش کي مالي نقصان کان بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير سالم الزاهبي مستحقن ۾ سامان ورهايو. سفير چيو ته هو رانا مشهود احمد خان جو ٿورائتو آهي جنهن خدمتن جو اهو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته يو اي اي جي حڪومت پهرين به ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندي رهي آهي ۽ امدادي سرگرمين جو اهو سلسو ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندو. تقريب ۾ مقامي معززن، فلاحي تنظيمن جي نمائندن ۽ مستحق ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ شين جي ورهاست کي ساراهيو.











