اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپرا پاران سولر جي حوالي سان نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺندي پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده سولر صارفين جي ڪانٽريڪٽ جي تحفظ جي حوالي سان فوري طور تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيپرا پاران ريگيوليشنز …
وزيراعظم نيپرا پاران سولر جي حوالي سان نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپرا پاران سولر جي حوالي سان نئين ريگيوليشنز جاري ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺندي پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده سولر صارفين جي ڪانٽريڪٽ جي تحفظ جي حوالي سان فوري طور تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيپرا پاران ريگيوليشنز جاري ڪرڻ تي خصوصي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن نيپرا کي موجوده سولر صارفين جي ڪانٽريڪٽ جي تحفظ جي حوالي سان فوري طور تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري ته جيئن موجوده ڪانٽريڪٽس جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته 4 لک 66 هزار سولر صارفين جو بار 3 ڪروڙ 76 لک کان وڌيڪ رڳو نيشنل گرڊ مان بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي نه پوي، ان حوالي سان پاور ڊويزن جامع حڪمت عملي جوڙي.











