گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊڪوارٽرز جو دورو

پشاور-11 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊڪوارٽرز پشاور جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ايف سي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ زخمي سپاهين عدنان ۽ امتياز  جي عيادت ڪئي. سپاهي عدنان ۽ سپاهي امتياز فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ دوران زخمي ٿيا هئا. گهرو وزير علاج هيٺ سپاهين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ علاج بابت پڇاڻو ڪيو. گهرو وزير ٻنهي سپاهين کي …

پشاور-11 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊڪوارٽرز پشاور جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ايف سي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ زخمي سپاهين عدنان ۽ امتياز  جي عيادت ڪئي. سپاهي عدنان ۽ سپاهي امتياز فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ دوران زخمي ٿيا هئا. گهرو وزير علاج هيٺ سپاهين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ علاج بابت پڇاڻو ڪيو. گهرو وزير ٻنهي سپاهين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. گهرو وزير محسن نقوي ٻنهي سپاهين جي بلند عزم ۽ جذبي کي ساراهيو.