اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت خاص وزير ابراهيم المبارڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي مارڪيٽن ۾ گڏيل مصروفيتن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ ۽ پائيدار طريقي سان وڌندڙ علائقائي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت خاص وزير ابراهيم المبارڪ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت خاص وزير ابراهيم المبارڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي مارڪيٽن ۾ گڏيل مصروفيتن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ ۽ پائيدار طريقي سان وڌندڙ علائقائي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ چٽاڀيٽي کي وڌائڻ، پيداوار وڌائڻ ۽ ويليو چين کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ علائقائي منڊين، خاص طور تي وچ ايشيا، آفريقا ۽ آسيان ملڪن تائين پهچ وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستن ۽ سعودي عرب پنهنجي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان جي پيداواري صلاحيتن کي هٿي ڏيندا ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۽ علائقائي رابطن سان گڏجي پنهنجو پاڻ جي تڪميلي حصيدار طور رکي سگهن ٿا.چانورن جي شعبي ۾ سعودي ڌر دلچسپي جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي خيالن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ذڪر به ڪيو ويو ته پاڪستانپ هرين ئي عالمي معيار تي پورو لهندي ايڪسپورٽ ڪري ٿو ۽ ڪارپوريٽ پئماني تي فارمنگ، ميڪانائزيشن، اسٽوريج ۽ لاجسٽڪس ۾ سيڙپڪاري سان ڊگهي مدي واري انتظامن تحت پاڪستان سان سعودي عرب کي چانورن جي مسلسل روانگي واپار کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ چاره، گوشت ۽ چونڊيل زرعي شين جو احاطو به ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ روانگي واپار سان لاڳاپيل زرعي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ مدد لاءِ سعودي مالياتي ادارن جي امڪاني ڪردار جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ميڪانائيزيشن جي پيداواري چئلينجن جي ڊگهي مدي واري حل طور تي جانچا ويا. واپار واري وزير چيو ته ايڪسپروٽ تي ٻڌل سيڙپڪاري جي ماڊلز زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ٽيڪسٽائيل ۽ يارن سميت ان سان لاڳاپيل صنعتن جي حمايت ڪريون ٿا. ملاقات ۾ سعودي وزير ابراهيم المبارڪ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي ترقي ۾ سعودي عرب جي تجربي کي شيئر ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ٽرين ٽو ڊيپلائي ماڊلز کي استعمال ڪرڻ لاءِ کليل دل جو اظهار ڪيو. سعودي ڌر شين جهڙوڪ چن پٿر، ماربل، ايگريليٽس ۽ ٻي مواد جو مقامي طور تي دستياب ناهي، لاءِ امپورٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو وي ته پاڪستاني سپلائرز ۽ سعودي بلڊنگ مٽيريل ٽريڊنگ ڪمپنين وچ ۾ ڌيان جو مرڪز ۽ سڌي ريت پرائيويٽ سيڪٽر ميچ ميڪنگ ذريعي شروعاتي نتيجا برآمد ٿي سگهن ٿا. ٻنهي ڌرين دواسازي، راندين جي سامان، جوتن ۽ هلي مينوفيڪچرنگ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، پاڪستان جي وڌندڙ صنعتي بنياد ۽ جوائنٽ وينچرز، مينوفيڪچرنگ ۽ علائقائي ۽ عالمي منڊين کي هدف بڻائڻ واري اسپلٽ پروڊڪشن ماڊلز جي گنجائش کي تسليم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ مخصوص ورڪشاپس ۽ بزنس ٽو بزنس مصروفيتن ذريعي فالو اپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اتفاق ڪيو ويو. جنهن جو مقصد پاليسي جي صف بندي کي ٺوس واپاري وهڪري، سيڙپڪاري جي منصوبن ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.











