پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، 100 انڊيڪس ۾ 13 سئو 30 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداري سبب 100 انڊيڪس ۾ هڪ هزار 330 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس وڌي هڪ لک 83 هزار 484 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، جيڪو گذريل ڪاروباري ڏينهن …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداري سبب 100 انڊيڪس ۾ هڪ هزار 330 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس وڌي هڪ لک 83 هزار 484 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، جيڪو گذريل ڪاروباري ڏينهن جي ڀيٽ ۾ نمايان بهتري آهي. واضح رهي ته اڱاري ڏينهن مارڪيٽ ۾ لاهن چاڙهن کانپوءِ 100 انڊيڪس 186 پوائنٽس جي گهٽتائي سبب هڪ لک 82 هزار 153 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو، جتي سيڙپڪار محتاط انداز ۾ ڪاروبار ڪندا رهيا ۽ مارڪيٽ محدود دائري ۾ واپار ڪندي رهي، مارڪيٽ ماهرن موجب تازن ڏينهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاها چاڙها ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، مجموعي طور تي سيڙپڪارن جو اعتماد بهتر معاشي اهڃاڻن، صنعتي سرگرمين ۾ بهتري ۽ مالياتي استحڪام سبب مضبوط ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات سان ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مجموعي طور تي مثبت رجحان ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي.