صدر پاران جاپان جي قيادت کي قومي ڏينهن ۽ شهنشاهه جي سالگره جي مبارڪباد

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاپان جي قومي ڏينهن ۽ سالگره جي موقعي تي شهنشاهه ناروهيتو، ملڪه ۽ جاپان جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي پنهنجي هڪ خط ۾ صدر پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ پُراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي ڀائيواري مختلف شعبن تي ٻڌل آهي …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاپان جي قومي ڏينهن ۽ سالگره جي موقعي تي شهنشاهه ناروهيتو، ملڪه ۽ جاپان جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي پنهنجي هڪ خط ۾ صدر پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ پُراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي ڀائيواري مختلف شعبن تي ٻڌل آهي آهي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏيل عزم تي ٻڌل آهي. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته شهنشاهه ناروهيتو جي رهنمائي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا رهندا. صدر آصف علي زرداري جاپان جي شهنشاهه ۽ ملڪه جي صحت ۽ سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جاپان جي عوام لاءِ مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي دعا پڻ ڪئي.