پاڪ فضائيه جو ڏکڻ زون ۾ جنگي تيارين جو شاندار مظاهرو، مشق جو مقصد مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل نيٽ ورڪ سينٽر جي تربيتي نظام تحت آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي: پاڪ فضائيه جو ترجمان

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فضائيه سدرن ايئر ڪمانڊ جي دائره اختيار ۾ فضائي مشق گولڊن ايگل ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فضائيه جي مڪمل جنگي صلاحيتن کي منظم انداز ۾ ڪتب آڻيندي ان جي اعليٰ جنگي تياري ۽ عملي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ان مشق جو مقصد مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل نيٽ ورڪ سينٽر جي تربيتي نظام تحت …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فضائيه سدرن ايئر ڪمانڊ جي دائره اختيار ۾ فضائي مشق گولڊن ايگل ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فضائيه جي مڪمل جنگي صلاحيتن کي منظم انداز ۾ ڪتب آڻيندي ان جي اعليٰ جنگي تياري ۽ عملي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ان مشق جو مقصد مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل نيٽ ورڪ سينٽر جي تربيتي نظام تحت پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ جديد، اثرائتي ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سمارٽ ٽيڪنالاجيز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو. بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان مشق جي منصوبابندي ۽ عملي شڪل ٽو فورس ڪنسٽرڪٽ تحت ڏني وئي جنهن ۾ دوست فوجن مضبوط انٽيگريٽڊ ايئر ڊفينس سسٽم جي فريم ورڪ ۾ رهندي جنگي ماحول جي جوڙجڪ ڪئي. اهي هدف حربي صلاحيتن جي هم آهنگ سان سائبر، خلا ۽ اليڪٽرو ميگنيٽڪ اسپيڪٽرم آپريشنز جي گڏيل امتزاج ۽ گڏيل استعمال ذريعي حاصل ڪيا ويا. مشق جي حربي مرحلي ۾ فرسٽ شوٽ، فرسٽ ڪل صلاحيت رکندڙ سونگ رول ويڙهاڪ جهازن جو استعمال شامل هو جيڪي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بي وي آر رينج ايئر ٽو ايئر ميزائلز، توسيع ٿيل رينج جي ايئر ٽو گرائون اسٽينڊ آف هٿيارن ۽ انتهائي صحيح نشاني سازيءَ جي صلاحيتن سان ليس هئا. انهن ڪاررواين کي ايئر ٽو ايئر ريفيولرز ۽ ايئر بورن ارلي وارننگ اينڊ ڪنٽرول سسٽمز جيئن فورس ملٽي پلائرز جي مڪمل معاونت حاصل رهي جنهن جي ذريعي دشمن جي مرڪزن کي نهايت درستگي ۽ اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو. مينڊ- ان مينڊ ٽيمنگ گولڊن ايگل فضائي مشق جي نمايان خصوصيت رهي جنهن جو مظاهرو پري تائين مار ڪندڙ ڪِلر ڊرونز ۽ لوئٽرنگ ميونيشنز جي ضم ٿيڻ ذريعي ڪيو ويو جيڪو شديد مقابلي، ڳتيل ۽ جنگي ماحول ۾ سرگرم عمل رهيو، انهن آپريشنز سان جديد جنگي حالتن ۾ پاڪ فضائيه جي تيز رفتار ۽ پيچيده آپريشنز انجام ڏيڻ جي صلاحيت جي توثيق ٿي. مشق پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن آل ڊومين ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (ايئر هيڊ ڪوارٽر، اسلام آباد) سان متحد ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول تحت جديد فضائي جنگي تصورن جي مشق ۽ توثيق جو موقعو فراهم ڪيو جنهن تحت مڪمل اسپيڪٽرم تي ٻَڌل جديد حربي فضائي ماحول ۾ چٽاڀيٽي ڪارروايون انجام ڏنيون ويون. مشق گولڊن ايگل جي ڪامياب پڄاڻيءَ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪ فضائيه هر وقت اعليٰ درجي جي جنگي تياري برقرار رکڻ، مقامي جدت مان فائدو کڻڻ ۽ موجوده ۽ مستقبل جي سيڪيورٽي چئلينجز کي اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ پُرعزم آهي.

مزید خبریں