اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻندي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ، محصولن جي انتظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ شاهدين تي ٻَڌل پاليسي سازيءَ کي هٿي وٺرائڻ جي حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس ورڪشاپ جي موقعي تي عوامي خدمتن جي تبديلي ۽ پائيدار ترقي جي …
حڪومت مصنوعي ذهانت ذريعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ، محصولن جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شاهدين تي ٻَڌل پاليسي سازن کي هٿي وٺرائڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻندي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ، محصولن جي انتظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ شاهدين تي ٻَڌل پاليسي سازيءَ کي هٿي وٺرائڻ جي حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس ورڪشاپ جي موقعي تي عوامي خدمتن جي تبديلي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي عنوان سان رٿيل پينل ڳالهين ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته مختلف ملڪ پنهنجي معاشي ڍانچن ۽ ترقياتي ترجيحن موجب مصنوعي ذهانت کي مختلف مرحلن ۾ اختيار ڪري رهيا آهن، پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪنالاجي کي فقط ٽيڪنالاجيءَ خاطر اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو ڌيان اهڙي عملي ۽ قابل اطلاق ٽيڪنالاجي تي ڏي جيڪا ڪارڪردگي، شفافيت ۽ پيداواري صلاحيت ۾ پيمائش جوڳي بهتري آڻي، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل نظام تعيمل، نفاذ ۽ فيصلي سازي کي مضبوط بنائڻ ۾ تيزيءَ سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت طرفان جاري ٽيڪس سڌارن جي عمل، جيڪي ماڻهو، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ سڌارن تي ٻَڌل آهن، ۾ اي آءِ تي ٻَڌل سي آر ايم سسٽمز، اي آءِ سان هلندڙ پيداواري نگراني، رسڪ بيسڊ تعميل جي اوزارن ۽ بنا انساني رابطي جي ڪسٽمر پراسيسز کي ڪتب آندو پيو وڃي ته جيئن شفافيت ۾ واڌ ٿئي، محصولن جي زيان ۾ گهٽتائي اچي ۽ روينيو نتيجا بهتر ٿين. هن زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي ذريعي صوابديدي انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ نااهلي ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿو. اي آءِ تي ٻَڌل نظامن اهڙا ٺوس مالياتي فائدا فراهم ڪيا آهن جيڪي صرف روايتي طريقيڪار ذريعي ممڪن نه هئا. ناڻي واري وزير اُڀرندڙ ڊجيٽل اثاثن جي حوالي سان حڪومت جي نقطهءِ نظر تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جو قيام ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته نئين فني رجحانن کي رسمي معيشت ۾ شامل ڪندي ان سان واڳيل خطرن جو مناسب انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جي سرگرمين کي منظم دائري ۾ آڻڻ مالياتي استحڪام جي تحفظ ۽ مستقبل جي معاشي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. وسيع تر ڊجيٽل معيشت جي حوالي سان ناڻي واري وزير انساني سيڙپ ۽ مهارتن جي ترقيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان جو نوجوان طبقو عالمي ٽيڪنالاجي نظام جي وڌيڪ قدر وارن حصن ۾ اثرائتي انداز سان حصو وٺي سگهي. هن بلاڪ چين ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس سميت جديد ٽيڪنالاجيز جي ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪو پيداواري صلاحيت تي ٻَڌل ترقي ۽ آمدنيءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته مصنوعي ذهانت محصولن کي حاصل ڪرڻ، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ موسمياتي ۽ آبادياتي نظم و نسق جهڙن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ نمايان موقعا فراهم ڪري رهي آهي، انهن فائدن لاءِ واضح پاليسي رُخ، اداره جاتي تياري ۽ ڊجيٽل تبديلي لاءِ پوري حڪومتي نظام تي ٻَڌل مربوط حڪمت عملي گهربل هوندي. ان ويهڪ ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهرن، پاليسي سازن ۽ ڌُرين شرڪت ڪئي.










