اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تعميراتي ڪم جي باقاعده شروعات هلندڙ سال مئي ۾ ڪئي ويندي، سيالڪوٽ - کاريان موٽر وي کي 4 جي بدران 6 لين ڪرڻ ۽ ان کي ڪرتارپور سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو اهم فيصلو مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي …
سکر – حيدرآباد موٽر وي تي تعميراتي ڪم جي باقاعده شروعات هلندڙ سال مئي ۾ ڪئي ويندي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تعميراتي ڪم جي باقاعده شروعات هلندڙ سال مئي ۾ ڪئي ويندي، سيالڪوٽ – کاريان موٽر وي کي 4 جي بدران 6 لين ڪرڻ ۽ ان کي ڪرتارپور سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو اهم فيصلو مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ اين ايڇ اي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. سکر – حيدرآباد ۽ ڪراچي موٽر ويز بابت اجلاس کي خطاب ڪندي عبدالعليم خان چيو ته هن وقت سڀني جون نظرون سکر – حيدرآباد موٽر وي تي آهن، ان ڪري آفيسر ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جي موٽر ويز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ حيدرآباد ڪراچي موٽر وي جي فيزيبلٽي تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير کي سيالڪوٽ – کاريان موٽر وي (ايم -12) تي جاري اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. عبدالعليم خان هدايت ڪئي ته مستقبل جي ٽريفڪ لوڊ کي ڏسندي سيالڪوٽ – کاريان موٽر وي کي 4 جي بدران 6 لين جو بڻايو وڃي. هن چيو ته ان موٽر وي کي ڪرتارپور سان ڳنڍيو ويندو ته جئين سک ياترين کي سهولت ملي. وفاقي وزير، اعلان ڪيو ته سک مذهبي ٽورازم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪينيڊا، آمريڪا ۽ يورپ ۾ خصوصي روڊ شوز منعقد ڪيا ويندا. عبدالعليم خان، زور ڀريو ته موٽر ويز کي وڌيڪ قابل عمل ۽ فائديمند بڻائڻ لاءِ انهن کي وڏن شهرن سان جوڙيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان موٽر ويز کي اڄ لاءِ ناهي پر ايندڙ 30 سالن جي ضرورتن مطابق بڻائينداسين. اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي رائيٽ آف ويز لاءِ اشتهار ۽ ٻيا انتظامي معاملا به غور هيٺ آيا.










