وزيراعظم جي خاص صلاحڪار رانا احسان افصل خان سان پاڪستان – جاپان بزنس فورم جي نمائندن جي ملاقات

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص صلاحڪار رانا احسان افضل خان سان پاڪستان- جاپان بزنس فورم جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي مضبوط بنائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ جاپان جي ناليوارن ڪاروباري اڳواڻن شرڪت ڪئي. رانا احسان افضل وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ مضبوط اقتصادي ناتن کي …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص صلاحڪار رانا احسان افضل خان سان پاڪستان- جاپان بزنس فورم جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي مضبوط بنائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ جاپان جي ناليوارن ڪاروباري اڳواڻن شرڪت ڪئي. رانا احسان افضل وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ مضبوط اقتصادي ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جاپان بزنس فورم جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. رانا احسان افضل ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ جٽادار ڳالهين ۽ گڏيل قدمن ذريعي پاڪستان جاپان اقتصادي ناتن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں