اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته موجوده عالمي ۽ علائقائي حالتن جي روشنيءَ ۾ سيڪيورٽي هاڻ هڪ اداري يا شعبي جي ذميداري ناهي رهي پر هي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي، پاڪستان سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، جنهن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سيڪيورٽي ۽ فائر فائٽنگ اوزارن جو استعمال اڻٽر ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو …
سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جو سيف سڪيور پاڪستان ۽ پوگي پاڪستان 2026ع نمائشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته موجوده عالمي ۽ علائقائي حالتن جي روشنيءَ ۾ سيڪيورٽي هاڻ هڪ اداري يا شعبي جي ذميداري ناهي رهي پر هي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي، پاڪستان سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، جنهن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سيڪيورٽي ۽ فائر فائٽنگ اوزارن جو استعمال اڻٽر ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين عالمي فائر، سيفٽي، سيڪيورٽي پاور، انرجي نمائش سيف سڪيور پاڪستان ۽ 19هين عالمي توانائي صنعت نمائش پوگي پاڪستان 2026ع نمائشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جيڪا 10 کان 12 فيربوري تائين پاڪ- چين دوستي مرڪز اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهي آهي. وقتي چيئرمين خاص مهمان جي حيثيت سان نمائشن جو باقاعده افتتاح ڪيو. سيدال خان چيو ته هن خطي ۽ پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان سيڪيورٽي جا مسئلا درپيش آهن ۽ ڏوهاري پيشيور ڌُرين وقت سان پنهنجي وارادات جي طريقيڪار کي به تبديل ڪيو آهي، جڏهن ته اها سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جديد سيڪيورٽي ٽيڪنالاجيز ۽ سسٽمز متعارف ڪرايا پيا وڃن جيڪي ڏوهن جي روڪٿام ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سيف سڪيور پاڪستان جهڙيون نمائشون نه صرف سيڪيورٽي جي شعبي ۾ بهتريءَ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون پر ان ذريعي ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال کي به مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. فائر فائٽنگ، ورڪ پليس سيفٽي، ايمرجنسي ريسپانس، سيڪيورٽي ۽ نگراني جي جديد نظام ۽ توانائي جي شعبي ۾ پائيدار ۽ جديد حل متعارف ڪرائڻ ۾ هتي شريڪ ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. نمائش ۾ جديد نگرانيءَ جي نظام، فائر فائٽنگ اوزارن، بلٽ پروف سلوشنز، سيڪيورٽي ڪئميرائون ۽ ٻيون جديد ٽيڪنالاجيز پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي وقتي چيئرمين چيو ته فائر فائٽنگ جي اثرائتي نظام کي نظرانداز ڪرڻ وڏي مالي ۽ جاني نقصانن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته جديد سيڪيورٽي ڪئميرائون هاڻ رڪارڊنگ تائين محدود ناهن رهيون پر ڏوهن جي روڪٿام جو هڪ اثرائتو ذريعو بڻجي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ بلٽ پروف گاڏين جي اهميت به وڌي وئي آهي جيڪا هڪ اڻٽر ضرورت بڻجي چڪي آهي. سيدال خان ناصر نمائش جو بندوبست ڪرڻ تي مختلف ڪمپنين ۽ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڪيورٽي ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ جديد قدمن لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جو گڏيل مقصد هڪ محفوظ، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي تعمير آهي. هن نمائش ۾ لڳايل مختلف ڪمپنين جي اسٽالن جو به دؤرو ڪيو، جديد ٽيڪنالاجيز بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. آخر ۾ هن نمائش رٿيندڙ، ملڪي ۽ پرڏيهي ۽ معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.










