پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها حصيداري اعتماد، تسلسل ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي لاڳاپن جي دوران وڌندي رهي آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها حصيداري اعتماد، تسلسل ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي لاڳاپن جي دوران وڌندي رهي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ جاپان جي پراڻي ڪردار کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها حصيداري اعتماد، تسلسل ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي لاڳاپن جي دوران وڌندي رهي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ جاپان جي پراڻي ڪردار کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جاپان جي شهنشاهه ناروهيتو جي 66هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، ڪجهه صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن کانسواءِ پاڪستان ۾ مقرر غيرملڪي سفيرن، پارليامينٽرينز، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مون کي اڄ هن پروقار تقريب ۾ شرڪت جو اعزاز حاصل آهي جتي اسان جاپان جي شهنشاهه ناروهيتو جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته آئون ان موقعي تي جاپان جي ملڪه کي پڻ پنهنجا پرخلوص ۽ باوقار مبارڪباد وارا جذبا پيش ڪريان ٿو. صدر آصف علي زرداري جاپان جي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي شاندار آجياڻو منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۾ جاپان جي سفير جا ٿورا ادا ڪيا. صدر چيو ته جاپان سڄي دنيا ۾ پنهنجي غيرمعمولي فني ڪاميابين ۽ ڀرپور ثقافتي ورثي جي ڪري تمام گهڻو قابل تحسين سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته جاپاني عوام نظم ۽ ضبط ۽ وقار کي وڏي اهميت ڏي ٿي، هو خاندان ۽ معاشري جي قدر ڪن ٿا ۽ روايتن جو احترام ڪندي ترقي ۽ جدت کي اختيار ڪن ٿا، انهن خوبين کي پاڪستان ۾ چڱي طرح سمجهيو ۽ ساراهيو وڃي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جاپان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اها اعتماد، مستقل مزاجي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هڪ اهڙي حصيداري آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سفارتي لاڳاپن ۾ مستقل طور تي وڌي رهي آهي. هن چيو ته جاپان مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، جڏهن موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتي آفتن اسان جي عوام کي متاثر ڪيو ته جاپان همدرديءَ ۽ عملي معاونت فراهم ڪئي. صدر چيو ته فوري امداد کانسواءِ ترقياتي تعاون ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري جي شعبن ۾ جاپان جي مسلسل شموليت کي پاڪستان ۾ انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جا اثر وسيع پئماني تي محسوس ڪيا ويا آهن، ان تعاون تي اسان دل سان ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جاپان کي فني مهارت ۽ جدت جو هڪ مثالي نمونو سمجهي ٿو، اسان جاپان جي تجربن مان فائدو کڻندي مهارتن جي ترقي، اداراجاتي مضبوطي ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ 80 کان وڌيڪ جاپاني ڪمپنيون سرگرم عمل آهن، اهي ڪمپنيون ملڪي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن، روزگار جا موقعا ۽ قيمتي مهارت ۽ تجربو فراهم ڪري رهيون آهن، انهن جي موجودگي پاڪستان جي صلاحيتن تي اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان ايشيا جي سنگم تي موجود آهي جتي واپاري رستن، توانائي لنگهن ۽ علائقائي منڊين جو گڏيل اتصال ٿئي ٿو، هي مقام موقعا به فراهم ڪري ٿو ۽ ذميواريون به لاڳو ڪري ٿو. صدر چيو ته اسان پاڪستان جي ترقي ۾ جاپان جي پراڻي ڪردار کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جيڪا) جو ڪم پائيدار ۽ عوام دوست ترقي جي لاءِ جاپان جي عزم جي هڪ نمايان ۽ قابل احترام علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان مضبوط خانداني نظام، سماجي هم آهنگي ۽ انساني وقار جي احترام جهڙن گڏيل قدرن تي يقين رکن ٿا، اهو ئي گڏيل اصول اسان جي حصيداري کي گهرائي ۽ مضبوطي فراهم ڪري ٿو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – جاپان لاڳاپا بامقصد، واضح رخ ۽ گڏيل ارادن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. صدر ان موقعي تي جاپان جي شهنشاهه کي سالگرهه جي دلي مبارڪباد ڏني جڏهن ته ملڪه جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ جاپان جي عوام جي لاءِ امن، ترقي ۽ مسلسل خوشحالي جي خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي کي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي منهنجي مرحومه گهرواريءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي فخر آهي جيڪا اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. ان کان اڳ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ جاپان جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي جڏهن ته ان موقعي تي صدر ٻين مهمانن سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.

مزید خبریں