وزيراعظم شهباز شريف سان انڊونيشيا جي سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم واري وزير روسن روئيسلاني جي ملاقات، 2027ع تائين ترجيحي واپاري معاهدي کي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي ۾ بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا 2027ع تائين ترجيحي واپاري معاهدي کي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي ۾ بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا سان معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انڊونيشيا جي سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم واري وزير روسن روئيسلاني جي سربراهي ۾ 5 رڪني …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا 2027ع تائين ترجيحي واپاري معاهدي کي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي ۾ بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا سان معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انڊونيشيا جي سيڙپڪاري ۽ ڊائون اسٽريم واري وزير روسن روئيسلاني جي سربراهي ۾ 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پرابوو سوبيانتو جو گذريل سال پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي ڪارائتو رهيو. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي 58هين اجلاس دوران انڊونيشيائي صدر سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ساورن ويلٿ فنڊ جي ماڊل جي حوالي سان انڊونيشيا جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم کي انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جو نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان انڊونيشيا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن 2027ع تائين ترجيحي واپاري معاهدي کي جامع اقتصادي حصيداري معاهدي (سي اي پي اي) ۾ بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں