نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چام نيمول جي ملاقات

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي وزارت ۾ ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چام نيمول ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهي تعاون جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو، خاص طور تي پاڪستان – ڪمبوڊيا جوائنٽ ٽريڊ ڪميٽي جي دائره ڪار ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون تي …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي وزارت ۾ ڪمبوڊيا جي واپار واري وزير چام نيمول ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهي تعاون جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو، خاص طور تي پاڪستان – ڪمبوڊيا جوائنٽ ٽريڊ ڪميٽي جي دائره ڪار ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آسيان سان پاڪستان جي مصروفيتن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تنظيم سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں