اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ عدالتي نظام ۾ شفافيت، ڪارڪردگيءَ جي نگراني ۽ باخبر پاليسي سازي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۾ …
نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ عدالتي نظام ۾ شفافيت، ڪارڪردگيءَ جي نگراني ۽ باخبر پاليسي سازي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ عدالتي نظام ۾ شفافيت، ڪارڪردگيءَ جي نگراني ۽ باخبر پاليسي سازي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۾ عدالتي سڌارن جي سفر ۾ هڪ اهم سنگِ ميل طور تي نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ باضابطه جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کي نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي ڊگهي عرصي کان غور هيٺ اداره جاتي ويزن جي عملي تعبير قرار ڏنو پيو وڃي. اهو ڊيش بورڊ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي فني سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ، فيڊرل شريعت ڪورٽ ۽ سڄي ملڪ جي هاءِ ڪورٽس جي آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽس ويجهو سهڪار ڪيو آهي. ان پليٽ فارم جو مقصد عدالتي ڊيٽا کي هڪ مربوط ۽ ريئل ٽائيم ايناليٽڪس نظام ۾ گڏائڻ آهي ته جيئن شاهدين تي ٻَڌل فيصلي سازي، اداره جاتي شفافيت ۽ ڪارڪردگي تي ٻَڌل گورننس کي هٿي ڏئي سگهجي. تقريب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين جسٽس محمد علي مظهر، سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل آئيني عدالت جي معزز ججن، سڄي ملڪ جي هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز، رجسٽرارن، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سينيئر عدالتي ۽ فني عملدارن شرڪت ڪئي. جسٽس محمدعلي مظهر پنهنجي خطاب ۾ منصوبي جي تياريءَ جي مرحلي ۽ نمايان خصوصين تي روشني وجهندي ٻُڌايو ته هي ڊيش بورڊ عدالتي ڊيٽا کي هڪ جامع ۽ مربوط نظام ۾ سمائي فيصله سازي، اسٽريٽجڪ منصوبا بندي ۽ اداره جاتي احتساب کي اثرائتو بڻائيندو. آءِ ٽي واري وزارت جي سيڪريٽري ان موقعي تي بين الاداره جاتي سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته حڪومت عدالتي نظام سميت سمورن سرڪاري ادارن ۾ ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال لاءِ پُرعزم آهي. بعد ۾ چيف جسٽس نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ جو باضابطه افتتاح ڪيو، جنهن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن کي سڌيءَ ريت عملي مظاهري ذريعي ڊيش بورڊ جي تجزياتي صلاحيتن، ريئل ٽائيم مانيٽرنگ سسٽم ۽ نظر ايندڙ ڊيٽا آرڪيٽيڪچر کان آگاهه ڪيو ويو. چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ ڊيش بورڊ کي عدالتي نظام لاءِ هڪ اثرائتو گورننس ٽول قرار ڏيندي چيو ته هي نظام شفافيت، اڳتي سوچ رکندڙ ۽ ڪارڪردگي جي نگراني کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، اين آءِ ٽي بي ۽ عدالتي آءِ ٽي ٽيمن جي ڪاوشن کي ساراهيو جنهن عدالت سڌارن جي پُراڻي تصور کي عمل شڪل ڏني. تقريب جي پڄاڻيءَ تي نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي ۽ منصوبي جي مرڪزي ترقياتي ٽيمن جي ميمبرن ۾ يادگاري شيلڊز ورهايون ويون. نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ جي جاري ٿيڻ کي عدالتي نظام ۾ ڊيٽا تي ٻَڌل گورننس طرف هڪ وڏو قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو عدليه جي نظام جي جديد ڪاري، اثرائتي پاليسي سازي ۽ عوام دوست انصاف جي فراهمي جي عزم جي عڪاسي آهي.










