پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ فلم، موسيقي ۽ تخليقي ڪهاڻي نويسي کي هٿي وٺرائڻ اڻٽر آهي: اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري اداڪاره ميرا کي خاطري ڪرائي آهي ته سندس درخواست تي کيس خيرسگالي سفير مقرر ڪيو ويندو. اها خاطري وفاقي وزير سندس آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪرائي. ان موقعي تي وفاقي وزير، اداڪاره ميرا ۽ فلم پروڊيوسر سلمان بٽ جي پاڪستاني سئنيما کي هٿي وٺرائڻ ۽ مقامي فلمن کي عالمي سطح تي متعارف …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري اداڪاره ميرا کي خاطري ڪرائي آهي ته سندس درخواست تي کيس خيرسگالي سفير مقرر ڪيو ويندو. اها خاطري وفاقي وزير سندس آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪرائي. ان موقعي تي وفاقي وزير، اداڪاره ميرا ۽ فلم پروڊيوسر سلمان بٽ جي پاڪستاني سئنيما کي هٿي وٺرائڻ ۽ مقامي فلمن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ خدمتن کي ساراهيو. پاڪستاني فلمن جي عالمي سطح تي وڌندڙ مقبوليت تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير، سلمان بٽ کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ فلمون بنائڻ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان کي قومي فلم انڊسٽريءَ جي بحالي ۽ عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ هاڪاري قدم قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ فلم جو شعبو سڌ سماءَ واري وزارت جي اختيار ۾ اچي ٿو، جڏهن ته اسان ثقافت واري وزارت ۾ رهندي پنهنجي دائره ڪار ۾ رهندي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اهڙا قدم نه صرف مقامي ٽيلنٽ لاءِ موقعا پيدا ڪن ٿا پر پرڏيهه ۾ پاڪستان جي هاڪاري ثقافت کي سُڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ به مدد ڏين ٿا. هن ثقافتي سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته سئنيما سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اورنگزيب خان کچي اداڪاره ميرا جي معياري ۽ چئلينجنگ ڪردارن ۾ مسلسل شموليت کي ساراهيندي چيو ته نئين فلمي منصوبن سان سندس وابستگي پاڪستان سئنيما جي مضبوطي ۽ ترقيءَ جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ميرا جهڙا فنڪار پنهنجي ڪم ذريعي ملڪ جي ثقافتي سفير جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير پنهنجي ويزن جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ فلم، موسيقي ۽ تخليقي ڪهاڻي نويسي کي هٿي وٺرائڻ اڻٽر آهي. هن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پروڊيوسرز کي سئنيما ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ منصوبن لاءِ حڪومتي سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران نئين فلم ”سائيڪو“ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جيڪا جلد رليز ٿيڻ واري آهي. بعد ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني کي فلم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن به ميرا ۽ سلمان بٽ جي فلمي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. اداڪاره ميرا وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريءَ جو ٿورو ادا ڪندي فلم انڊسٽريءَ جي بحالي لاءِ سهڪار جي خاطريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافت واري وزارت طرفان ثقافتي ورثي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم تعريف جوڳا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزارت قومي ۽ عالمي سطح تي فلمن کي هٿي وٺرائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪندي. ٻي طرف فلمي صنعت سان واڳيل حلقن وفاقي وزير جي بيانن جي آجيان ڪندي ان کي فلم سازن ۽ فنڪارن لاءِ همٿائيندڙ قرار ڏنو آهي، جيڪو پاڪستاني سئنيما کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.

مزید خبریں