سينيٽ ميمبرن پاران ترلائيءَ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن ترلائيءَ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردن خلاف سخت مؤقف اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سينيٽر ناصر بٽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد ڪنهن به معافيءَ جا حقدار ناهن ۽ ان معاملي تي قومي سطح تي اتفاق راءِ هئڻ گهرجي ته ڪنهن دهشتگرد کي معاف نه ڪيو وڃي. هن چيو …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن ترلائيءَ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردن خلاف سخت مؤقف اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سينيٽر ناصر بٽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد ڪنهن به معافيءَ جا حقدار ناهن ۽ ان معاملي تي قومي سطح تي اتفاق راءِ هئڻ گهرجي ته ڪنهن دهشتگرد کي معاف نه ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان بهتر ناتن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته جيڪڏهن ڪو پاڙيسري ملڪ دهشتگرديءَ ۾ ملوث مليو ته ان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پهريان به هندستان کي سبق سيکاري چڪو آهي. هن چيو ته زخمين کي مڪمل ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ شهادتن جي انگ جي حوالي سان ڦهلايل افواهون درست ناهن. سينيٽر خالده عطيب چيو ته قوم کي اجتماعي طور تي سوچڻو پوندو ته اهڙن واقعن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ماضيءَ ۾ فرقيواراڻي ڇِڪتاڻ کي هوا ڏني وئي جڏهن ته دهشتگرد پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ ان طرح جا واقعا ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته اهو واقعو ڪنهن فرقي جو ناهي پر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام تي حملو آهي. هن چيو ته ڪنهن ايونٽ کي ٻئي واقعي سان نه جوڙڻ گهرجي، بسنت هڪ خوشيءَ جو ڏڻ هو جڏهن ته دهشتگرديءَ جي واقعي کانپوءِ ميگا ايونٽ ملتوي ڪيو ويو. هن زور ڀريو ته هر شهريءَ کي پاڪستان لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں