ڪراچي -10 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته ماحولياتي آفتون نسلن کي ٻيهر غربت ۾ ڌڪي ڇڏين ٿيون جنهن سان جي ڊي پي، تعليم ۽ سماجي استحڪام سخت متاثر ٿيندا آهن، نوجوانن پاران تيار ڪيل ماحولياتي حل ۽ ورچوئل گرين يونيورسٽي عيد کان پوءِ شروع ڪئي ويندي جنهن جو مقصد پائيدار خيالن ۽ عملي قدمن کي هٿي …
ماحولياتي آفتون نسلن کي ٻيهر غربت ۾ ڌڪي ڇڏين ٿيون: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
ڪراچي -10 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته ماحولياتي آفتون نسلن کي ٻيهر غربت ۾ ڌڪي ڇڏين ٿيون جنهن سان جي ڊي پي، تعليم ۽ سماجي استحڪام سخت متاثر ٿيندا آهن، نوجوانن پاران تيار ڪيل ماحولياتي حل ۽ ورچوئل گرين يونيورسٽي عيد کان پوءِ شروع ڪئي ويندي جنهن جو مقصد پائيدار خيالن ۽ عملي قدمن کي هٿي وٺائڻ آهي. گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ منعقد چوٿين پاڪستان ڪلائميٽ ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن خبردار ڪيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ ماحولياتي دهشتگردي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان 3 کان 4 سيڪڙو معاشي اوسر واري شرح حاصل ڪري رهيو آهي، تنهن هوندي به بار بار ايندڙ ٻوڏ باقاعدگي سان 7 کان 10 سيڪڙو جي ڊي پي کي نقصان پهچائي ٿي. معاشي نقصانن کان علاوه هن انساني حياتين جي وڏي نقصان جي به نشاندهي ڪئي، سندس چوڻ هو ته تازين ٻوڏن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته 40 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن جن ۾ 20 ملين ٻار شامل آهن جيڪي تعليم کان محروم ٿيا آهن. ٽه نقاطي حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪندي موجوده وسيلن جي بحالي، موجوده انفراسٽرڪچر جي واڌ ۽ نئين موسمياتي نظام جي تعمير جي حوالي سان ڊاڪٽر مصدق ملڪ صنعتن تي زور ڀريو ته هو نوجوانن جي قيادت ۾ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن اعلان ڪيو ته نوجوانن پاران تيار ڪيل ماحولياتي حل ۽ هڪ ورچوئل گرين يونيورسٽي عيد کان پوءِ شروع ڪئي ويندي جنهن جو مقصد پائيدار خيالن ۽ عملي قدمن کي هٿي وٺائڻ آهي.











