اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته حڪومت صنعتن جو ڦيٿو تيز ڪرڻ لاءِ ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف سان ٻيهر رجوع ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صنعتي شعبي کي ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ رليف ڏنو ويندو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت …
ايندڙ بجيٽ ۾ صنعتي شعبي کي ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ رليف ڏنو ويندو: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته حڪومت صنعتن جو ڦيٿو تيز ڪرڻ لاءِ ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف سان ٻيهر رجوع ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صنعتي شعبي کي ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ رليف ڏنو ويندو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ان حوالي سان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. هن چيو ته جي ڊي پي ۾ صنعتي شعبي جو حصو وڌائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ پنجن وڏين ڪمپنين سيڙپڪاري تي راضپو ڏيکاريو آهي ۽ چئن سالن ۾ اسٽيل ملز کي ٻيهر فعال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ٻه روسي ڪمپنيون به ڳالهين جي حتمي مرحلي ۾ آهن. هن چيو ته جون 2026ع تائين شگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جامع صنعتي پاليسي آڻي رهي آهي. جنهن تحت جي ڊي پي ۾ صنعتي شعبي جو حصو 18 سيڪڙو کان وڌي 26 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. هارون اختر خان چيو ته موجوده ٽيڪس نظام سان صنعتي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي ان لاءِ ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن. حڪومت آءِ ايم ايف کي قائل ڪندي ته ٽيڪس رليف سان ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته موبائيل فون، ٽريڪٽرز ۽ سولر بيٽريون ميڊ ان پاڪستان ٺاهڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته گرڊ اسٽوريج ٽيڪنالاجي لاءِ نئين پاليسي تي به ڪم جاري آهي.











