اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته تيراه جي عوام کي حڪومت يا ڪنهن ٻئي اداري لڏپلاڻ جو ناهي چيو، ڊگهي عرصي کان تيراه جي عوام برف باري جي موسم ۾ اتان هجرت ڪندو آهي، انهن جي خواهش هئي ته جڏهن ماڻهو هجرت ڪن ته اتي موجود دهشتگردن خلاف آپريشن ٿئي، تيراه ۾ صرف انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ٿي …
تيراه جي عوام کي حڪومت يا ڪنهن اداري لڏپلاڻ جو ناهي چيو: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته تيراه جي عوام کي حڪومت يا ڪنهن ٻئي اداري لڏپلاڻ جو ناهي چيو، ڊگهي عرصي کان تيراه جي عوام برف باري جي موسم ۾ اتان هجرت ڪندو آهي، انهن جي خواهش هئي ته جڏهن ماڻهو هجرت ڪن ته اتي موجود دهشتگردن خلاف آپريشن ٿئي، تيراه ۾ صرف انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ٿي رهيا آهن، ڪو وڏو آپريشن ناهي ٿي رهيو. گذريل ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تيراه ۾ صرف انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ٿي رهيو آهي، اتي ڪو به وڏو آپريشن ناهي ٿي رهيو. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت جيڪڏهن اهو سمجهي ٿي ته سندن اڳوڻي فاٽا جي صورتحال ڪنٽرول نه ٿي رهي آهي ته 28هين ترميم ذريعي فاٽا کي ٻيهر پنهنجي انتظام هيٺ آڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته صوبائي حڪومت بلڪل ناڪام آهي، جيڪڏهن فاٽا وفاق جي انتظام ۾ اچي ويو ته پوءِ کين شڪايت نه رهندي. اسلام آباد ۾ ڌماڪي کان پوءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي پر اهو انهن جي ڏکن جو ازالو ناهي، جنازن ۾ حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسلام آباد جي رهواسين خاص ڪري انهن علائقن جي ماڻهن دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو، جن ان واقعي کي فرقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي.











