پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جن مان ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار ذريعي ڀرپور فائدو کڻي سگهندا. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير اها ڳالهه اسلام آباد ۾ انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير روزان روسلاني ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چئي. وفاقي وزير …

اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جن مان ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار ذريعي ڀرپور فائدو کڻي سگهندا. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير اها ڳالهه اسلام آباد ۾ انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير روزان روسلاني ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ رهمائي فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ جامع ريگيوليٽري سڌارن تي عمل جاري آهي. هن ٻڌايو ته آسان ڪاروبار ايڪٽ تحت سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻايو پيو وڃي ته جيئن ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي شفاف نظام ميسر اچي سگهي. هن انڊونيشين وفد کي خاص اقتصادي زونز ۾ دستياب موقعن کان به آگاهه ڪندي چيو ته سيڙپڪاري لاءِ 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي رکي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا منصوبا انڊونيشين وفد سامهون پيش ڪيا ويا ۽ ٻئي ملڪ گڏيل تعاون سان ٻه طرفي سيڙپڪاري ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ، ان جي قيادت ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري رکندي.