لاهور-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر، مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر، پنجاب جي وزيراعليٰ جي جاري …
محمد نواز شريف ۽ مريم نواز سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
لاهور-10 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر، مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر، پنجاب جي وزيراعليٰ جي جاري منصوبن کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. برطانوي هاءِ ڪمشنر، لاهور ۾ بسنت جي تهوار تي خوشي جو اظهار به ڪيو.











