اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد-10 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1488.17 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.576 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1198.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.150 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.138 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










