وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ڪويت جي سياسي لاڳاپن کي سيڙپڪاري، واپار ۽ معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪويت جي سياسي لاڳاپن کي سيڙپڪاري، واپار ۽ معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار رقمي اسلامڪ بئنڪ کي ڊيجيٽل لائسنس جاري …

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪويت جي سياسي لاڳاپن کي سيڙپڪاري، واپار ۽ معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار رقمي اسلامڪ بئنڪ کي ڊيجيٽل لائسنس جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم لائيسنس جاري ڪرڻ تي رقمي بورڊ جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته رقمي بئنڪ کي ڊيجيٽل بئنڪنگ جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ پاڪستان – ڪويت لاڳاپن جي لاءِ تمام اهم آهي، ان سان پاڪستان ۾ بئنڪاري جي شعبي کي هٿي ملندي، سياسي لاڳاپن کي معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي لاڳاپن کي سيڙپڪاري، واپار ۽ معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻو آهي، اقتصادي حصيداري جي لاءِ ڪويتي قيادت سان گڏجي اڳتي وڌڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. رقمي اسلامڪ بئنڪ جي سي اي او عمير اعجاز چيو ته شرعي اصولن موجب بئنڪاري جو فروغ رقمي بئنڪ جو عزم آهي، رقمي ڊيجيٽل بئنڪنگ پاڪستان ۾ ڪيش ليس معيشت طرف اهم اڳڀرائي آهي، رقمي بئنڪ کي واپاري سرگرمين جي لاءِ لائيسنس ملڻ اهم سنگ ميل آهي، زندگي جي سمورن شعبن جي مالياتي نظام ۾ شموليت جي لاءِ پرعزم آهيون، زندگي جي سمورن شعبن جي ترقي جي لاءِ موقعن جي فراهمي ترجيح هوندي. رقمي بورڊ جي چيئرمين عبدالله مطيري چيو ته رقمي ڊيجيٽل بئنڪ کي واپاري سرگرمين جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ تاريخي لمحو آهي، اهو قدم پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو پڻ عڪاس آهي، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن کي معاشي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻو آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ تمام اهم ملڪ آهي، رقمي بئنڪ جي شروعات پاڪستان جي شاندار معاشي مستقبل تي اعتماد جو مظهر آهي. تقريب ۾ وزيراعظم رقمي بورڊ جي چيئرمين عبدالله مطيري کي رقمي اسلامڪ بئنڪ جي لاءِ ڊيجيٽل لائيسنس ڏنو.