اسلام آباد - 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان انڊونيشيا جي انويسٽمينٽ اينڊ ڊائون اسٽريم انڊسٽري جي وزير ۽ ساورن ويلٿ فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روزلاني ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه جو محور پاڪستان – انڊونيشيا اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ هو جنهن ۾ تعاون جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل طور تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان انڊونيشيا جي انويسٽمينٽ اينڊ ڊائون اسٽريم انڊسٽري جي وزير ۽ ساورن ويلٿ فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روزلاني ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه جو محور پاڪستان – انڊونيشيا اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ هو جنهن ۾ تعاون جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ساورن ويلٿ فنڊ ماڊلز تي پنهنجي خيالن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم ٿنڀن جي طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.











