صدر آصف علي زرداري پاران ازبڪستان سان اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي ازبڪستان سان خوراڪ ۽ زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، صحت ۽ بينڪنگ سميت اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجائيندي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف جي تازي تاريخي ۽ لاڀائتي سرڪاري دوري جي ثمرن کي موثر طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي ازبڪستان سان خوراڪ ۽ زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، صحت ۽ بينڪنگ سميت اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجائيندي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف جي تازي تاريخي ۽ لاڀائتي سرڪاري دوري جي ثمرن کي موثر طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر انهن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان ۾ ازبڪ سفير علي شير تختايف سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن کيس ازبڪ صدر شوڪت مرزيايوف جو خط پڻ پيش ڪيو. پنهنجي خط ۾، ازبڪ صدر پاڪستان جي دوري دوران غير معمولي مهمان نوازي ۽ شاندار استقبال تي صدر آصف علي زرداري، پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ، نشان پاڪستان ۽ اعزازي پروفيسر شپ ۽ ڊاڪٽريٽ سان نوازڻ تي پُڻ ٿورن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ازبڪستان جي صدر جي تازي تاريخي ۽ لاڀائتي سرڪاري دوري جي ثمرن تي موثر طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اهم شعبن ۾ ازبڪستان سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن پاڪستان مان حلال گوشت، ميوا ۽ پٽاٽا درآمد ڪرڻ ۾ ازبڪستان جي دلچسپي کي ٻطرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. صدر شوڪت مرزيايوف پنهنجي دعوت کي ٻيهر ورجايو، جيڪا هن ٻنهي صدرن جي ملاقات دوران ڏني هُئي. صدر آصف علي زرداري دعوت قبول ڪندي پاڪستاني عملدران کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ازبڪ هم منصبن سان رابطو ڪري هن سال جي آخر ۾ دوري جي لاءِ تاريخ کي حتمي شڪل ڏين. صدر اسلام آباد ۾ تازي دهشتگرد حملي کانپوءِ يڪجهتي ۽ حمايت جي پيغام تي ازبڪ صدر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل سفر کي جاري رکڻ لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي عزم کي ورجايو. ازبڪ سفير صدر کي ٻڌايو ته ازبڪستان اسلام آباد جي سيڪٽر ايف-7 ۾ بابر پارڪ جي تعمير ۽ ترقي جو خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ لاڳاپيل ازبڪ وزير ايندڙ هفتي اسلام آباد جو دورو ڪندو ته جيئن پاڪستاني اختيارين سان منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي.