نائين عالمي پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلا پڄاڻي تي پهتا، 19 ملڪن جي شرڪت، تقريب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -10 فيبروري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير  پاڪ آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلن ۾ فوجين ۽ فني ٽيم جي ڪوششن جي تعريف ڪندي روائيتي تربيتي طريقن جي پڄاڻي لاءِ اسيمليٽر تي ٻڌل تربيت جي اهميت تي زور ڀريو.  پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب نائين عالمي پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلا 9 فيبروري 2026ع  تي کاريان ۾ …

راولپنڊي -10 فيبروري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير  پاڪ آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلن ۾ فوجين ۽ فني ٽيم جي ڪوششن جي تعريف ڪندي روائيتي تربيتي طريقن جي پڄاڻي لاءِ اسيمليٽر تي ٻڌل تربيت جي اهميت تي زور ڀريو.  پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب نائين عالمي پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلا 9 فيبروري 2026ع  تي کاريان ۾ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتا. پڄاڻي واري تقريب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.  ٽيم اسپرٽ مقابلا 60 ڪلاڪن تي ٻڌل هڪ ڊگهي پيٽرولنگ مشق آهن، جنهن جو مقصد حصو وٺندڙ ٽيمن وچ ۾ جديد خيالن، اسٽريٽجڪ تجربن ۽ بهترين جنگي طريقن جي  مٽاسٽا ذريعي پيشيواراڻي عسڪري مهارتن کي نکارڻ آهي. 5 فيبروري 2026ع کان شروع ٿيل اهي مشقون پنجاب، پاڪستان جي نيم جابلو علائقن ۾ منعقد ڪيون ويون، جن هڪ حقيقت پسنداڻو ۽ چئلينجنگ آپريشنل ماحول فراهم ڪيو. گذريل سال دوران پي اي ٽي ايس هڪ باوقار ۽ انتهائي هڪ جهڙائي وارو فوجي مشقن طور اڀريو آهي، جنهن کي حصو وٺندڙ ملڪن وچ ۾ پيشيواراڻي عمدگي ۽ گڏيل سکڻ جي عمل کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو فورم هڪ ڏکئي  آپريشنل ماحول ۾ يڪجهتي ۽ ٽيم اسپرٽ کي هٿي وٺائڻ سان گڏوگڏ عسڪري  سطح تي تعاون ۽ افهام و تفهيم  کي مضبوط بڻائي ٿو.  هلندڙ سال مقابلي ۾ 19 ملڪن شرڪت ڪئي جن ۾ بحرين، بنگلاديش، بيلاروس، مصر، عراق، اردن، سعودي عرب، ملائيشيا، مالديپ، مراڪش، نيپال، قطر، سريلنڪا، ترڪيه آمريڪا ۽ ازبڪستان شامل آهن. انڊونيشيا، ميانمار ۽ ٿائيلينڊ مبصر طور مشق ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان نيوي جي 16 ڊوميسٽڪ ٽيمن سان گڏوگڏ پاڪستان ايئر فورس جي مبصرن به ان ايونٽ ۾ حصو ورتو. پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مشق دوران سمورن حصو وٺڻدڙ ٽيمن جي غير معمولي پيشيواراڻي مهارت، جسماني ۽ ذهني برداشت، آپريشنل صلاحيت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي. هن اجتماعي تياري کي وڌائڻ ۽ جديد جنگ جي بدلجندڙ گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ اهڙي طرح جي گهڻ قومي سرگرمين جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستان آرمي جي بنيادي قدرن جي توثيق ڪندي آرمي چيف ان پائيدار صفتن ”خاص طور تي دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ ڪردار، جرئت ۽ قابليت تي زور ڀريو. تقريب جي پڄاڻي تي آرمي چيف ۽ سي ڊي ايف مقابلي ۾ نمايان شرڪت ڪندڙن ۾ انعام ورهايا.  حصو وٺندڙ ملڪن جي عالمي مبصرن ۽ ڊفينس اتاشين به تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوري مشق دوران مظاهرو ڪيل اعليٰ معيار جي پيشيواراڻي مهارت، تنظيم ۽ انتظام جي تعريف ڪئي.  آرمي چيف ۽ سي ڊي ايف نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ مختلف تربيتي سرگرمين جو مشاهدو به ڪيو، جنهن ۾ نوان قائم ڪيل ٽيڪٽيڪل اسيمليٽر جو دورو به شامل هو.